ملڪ ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو

news

اسلام آباد: (آچر 19 مئي 2019ع) ملڪ ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو پر وفاقي راڄڌاني سميت مختلف شهرن ۾ برسات جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي  موجب جاڙن شهرن سميت مالاڪنڊ، پشاور، هزاره، بنون، دي آءِ خان ۾ هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. ڪوئٽه، قلات، مڪران ڊويزن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ڪراچي ۾ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهيو. مالاڪنڊ، ڪوهاٽ ڊويزن ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات پئي. ڇنڇر تي سڀني کان وڌيڪ برسات پارا چنا ۾ 35 ملي ميٽر، ڪالام 04 ملي ميٽر، چترال هڪ ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي سنڌ جي ضلعي سڪرنڊ، شهيد بينظير آباد 43 ڊگري سينٽي گريڊ، دادو، پڊعيدن، ڇور ۽ سکر ۾ 42 ڊگري سينيٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب سومر تي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. ڪوئٽه، ڊيره اسماعيل خان(ڊي آئي خان) ڊويزن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.