حافظ آباد ۾ ٽرڪ ۽ ٻه ڪارون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، ٽي ڄڻا فوت

news

حافظ آباد: (آچر 19 مئي 2019ع) حافظ آباد ۾ خانقاهه ڊوگران روڊ تي ٽرڪ ۽ ٻن ڪارن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب حافظ آباد خانقاهه ڊوگران روڊ تي تيز رفتار ٽرڪ سامهون کان ايندڙ ڪار کي ٽڪر هنئي جنهن سبب ڪار  ڪلٽيون کائيندي سامهون ايندڙ ٻئي ڪار سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي طبي امداد کان پوءِ ٽراما سينٽر حافظ آباد موڪليو ويو. جڏهن ته فوت ٿيندڙن ٽنهي ڄڻن جون ميتون ڊي ايڇ ڪيو اسپتال حافظ آباد منتقل ڪيون ويون آهن. فوت ٿيندڙن ۾ نبيل، سلامت ۽ فيصل ٽنهي جو تعلق حافظ آباد سان آهي.