نيب ۽ معيشت هميشه گڏ هليا آهن ۽ اڳتي به گڏ ئي هلندا: نيب چيئرمين

news

اسلام آباد: (آچر 19 مئي 2019ع)   چيئرمين نيب جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته نيب اڄ تائين اهڙو ڪوبه قدم ناهي کنيو جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچي. واپاري ڪميونٽي کي ڊيڄاريو پيو وڃي. نيب ڪنهن به واپاري کي هراسان ناهي ڪيو. هي انسان دوست ادارو آهي.

نيب چيئرمين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊالر مهانگو ٿيڻ سان نيب جو ڪهڙو تعلق آهي. معيشت جي زبون حالي ۾ نيب جو ڪوبه قصور ناهي. موجوده بحران حڪومتي نه پر قومي آهي. مالي معاملن کي سياست سان نه ڳنڍيو وڃي. هن چيو ته ڳالهيون هلي رهيون هيون ته معيشت نيب سبب زبون حال آهي. جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته نيب اهڙو ڇا ڪيو آهي.؟ ته خاموشي ٿي ويندي آهي. مثبت تنقيد ضرور ڪريو. تعميري تنقيد جي هميشه آجيان ڪئي آهي.

عارف حبيب ۽ ميان منشا جا خط نيب وٽ موجود آهن. جنهن ۾ هنن نيب جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي آهي. ڇا عارف حبيب ۽ ميان منشا واپاري ڪميونٽي جي نمائندگي نٿا ڪن.