ناڪام خان عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهندو: نفيسه شاهه

news

خيرپور: (آچر 19 مئي 2019ع) پ پ اڳواڻ نفيسه شاهه چيو آهي ته عمران خان عوام جي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيو ته پوءِ اسان اڳيان اينداسين. مخالف ڌر جون پارٽيون بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ويهي فيصلو ڪنديون ته هن ناڪام حڪومت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي.

رپورٽ موجب ڪوٽڏيجي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نفيسه شاهه چيو ته نئين پاڪستان ۾ هر طرف رڙيون اچي رهيون آهن. عوام مهانگائي جو روئڻ روئي رهيو آهي. روپئي سان جيڪو ظالماڻو سلوڪ ٿي رهيو آهي ان سان حڪومت جي نااهلي ۽ ناڪامي نظر اچي رهي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ويهي فيصلو ڪنديون ته هاڻ هن حڪومت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. پنهنجي بيان ۾ نفيسه شاهه وزيراعظم کي ناڪام خان جو نالو ڏيندي چيو ته اسان ناڪام خان جي نااهل حڪومت تي دٻاءُ وجهنداسين. ناڪام خان عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ته پوءِ اسان اڳيان اينداسين.

ياد رهي ته ڪوٽڏيجي جي دوري دوران نفيسه شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ ميرواهه ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿيندڙ معصوم بارڙي جي وارثن سان به ملاقات ڪئي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.