نيب چيئرمين خلاف وڪيلن سان مشاورت کان پوءِ قانوني رستو اختيار ڪنداسين: مصطفيٰ نواز کوکر

news

اسلام آباد: (آچر 19 مئي 2019ع) بلاول ڀٽو جي ترجمان مصطفيٰ نواز کوکر نيب چيئرمين جي انٽرويو کي غيرذميواراڻو قرار ڏيندي نيب چيئرمين خلاف قانوني رستو اختيار ڪرڻ لاءِ وڪيلن سان مشاورت جو اعلان ڪيو آهي.

تفصيل موجب سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر  چيئرمين  نيب  جاويد اقبال جي انٽرويو کي غيرذميواراڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته نيب چيئرمين جيڪي ڳالهيون چيون آهن اهي ان جي عهدي ۽ سمورين قانوني گهرجن جي ابتڙ آهن. نيب چيئرمين پ پ قيادت خلاف بغض ظاهر ڪري غير جانبداري وڃائي ڇڏي آهي. بلاول ڀٽو جي ترجمان چيو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري جي خراب صحت جو مذاق اڏائڻ غير اخلاقي ۽ غير انساني آهي.

سپريم ڪورٽ جي هڪ اڳوڻي جج مان اهڙي بيان جي توقع نه هئي. ان واقعي کان پوءِ صاف ۽ منصفاڻي احتساب جي توقع ناهي. پ پ سينيٽر وڌيڪ چيو ته نيب حڪومت   سان ڳٺ جوڙ ۾ آهي ۽ اها دعويٰ چيئرمين نيب پاڻ سچ ثابت ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته جڏهن به اسان حڪومت جي خلاف سرگرم ٿيندا آهيون ته نيب ايڪشن ۾ اچي ويندو آهي.

چيئرمين بلاول ڀٽو جي مخالف ڌر جي اڳواڻن سان رابطن وقت اهڙو انٽرويو حيرت جوڳو آهي. ٻئي طرف نيب ترجمان واضح ڪيو آهي ته نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال سان ملاقات جي عنوان سان شايع ڪالم ۾ حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي.