شڪارپور ۾ روڊ حادثو: چئن ٻارڙن سميت اٺ ڄڻا فوت

news

شڪارپور: (آچر 19 مئي 2019ع) شڪارپور ۾ مسافر وين ۽ گاڏي ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ چئن ٻارڙن سميت اٺ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب حادثو ڪرن  ٿاڻي جي حد بهبو واهه ويجهو پيش آيو آهي. حادثي ۾ 4 ٻارڙن سميت 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي آهن. جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.