نيوسعيدآباد ۾ ڳوٺاڻن پاران آبپاشي کاتي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

نيوسعيدآباد: آچر 19 مٸي 2019ع:زيرپير کان متل موري تائين روهڙي ڪئنال جي اسٽون پچنگ نه ڪرائڻ، مرمتي ڪم ۾ مبينا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ ۽ تازو پيل برسات سبب ڪئنال کي روڻيون پوڻ ۽ ڀڪون ڪرڻ جي مرمت نه ڪرڻ خلاف اڳوڻي يوسي چيئرمين سيد علي ڏنو شاھ، صدام جمالي ۽ آچرجمالي جي اڳواڻي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعرا هنيا، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته آبپاشي کاتي جي نااهلي سبب روهڙي ڪئنال کي اڳ ۾ ٻه ڀيرا گهارا پئجي چڪا آهن، هن وقت به ساڳي صوتحال آهي.

هنن چيوته روهڙي ڪئنال جي مرمت ۽ اسٽون پچنگ لاءِ منظور ٿيل 5 ڪروڙن کان وڌيڪ رقم ڪاغذن ۾ ڏيکاري هڙپ ڪيا ويا آهن.

هنن چيوته آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر حيدرآباد جي نوٽيس وٺڻ باوجود روهڙي ڪئنال تي ڪيربه لڙي نه آيو آهي، ڪئنال جي ساڳي صورتحال آهي. هنن مطالبو ڪيو ته روهڙي ڪئنال جا بند مضبوط ڪري لکين ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي.01