ميرپورماٿيلو ۾ نينگر حبيب گبول ڪينسر جي مرض ۾ ورتل، علاج جي اپيل

news

ميرپورماٿيلو: آچر 19 مٸي 2019ع:گهوٽڪي ضلعو صنعتي زون هجڻ باوجود گهوٽڪي ضلعي جا ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، ان حوالي سان ميرپورماٿيلو تعلقي جي شهر ڳڙهي چاڪر ڀرسان ڳوٺ ماڻڪ گبول ۾ پورهيت محمد گبول جو 12 سالن جو پٽ حبيب گبول ڪينسر جي بيماري سبب گذريل پنجن سالن کان زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي.

جڏهن ته والدين غريب هجڻ ڪري معصوم نينگر جو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي ۽ نينگر هلڻ ڦرڻ کان به لاچار بڻيل آهي. جڏهن ته نينگر حبيب گبول جا وارث ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ ويٺل آهن. 

ان سلسلي ۾ ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل حبيب گبول جي والد محمد گبول ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جي علاج لاءِ وسان ناهي گهٽايو ۽ پنهنجي وس آهر رحيم يار خان ۽ سکر سميت مختلف اسپتالن ۾ علاج ڪرائي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪوبه  فائدو ناهي پهتو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آهيون، پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جو وڌيڪ علاج نه ٿا ڪرائي سگهون. هن چيو ته اسان پنهنجي گهر جو الھ تلھ وڪرو ڪري پنهنجي پُٽ جو علاج ڪرايو آهي ۽ هاڻي اسان وٽ کائڻ لاءِ به ڪجھ ناهي بچيو.

هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي پُٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن منهنجي جگر جي ٽڪڙي جي زندگي بچي سگهي.01