ٽنڊوڄام ۾ راجپوت ۽ خانزاده برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نَوَ ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

news

ٽنڊوڄام:آچر 19 مٸي 2019ع: ٽنڊوڄام جي علائقي مظفرآباد ڪالوني ۾ معمولي ڳالهه تان راجپوت ۽ خانزادو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي ۾ ڏنڊا، سروٽا، سريا لڳڻ سبب مظهر راجپوت، شاهينه الطاف، مسمات ڪوثر، تنوير، شهزاد، دلاور شوڪت علي خانزادو، محمد صفر، زبير زخمي ٿي پيا.

زخمين کي علائقي واسين پاران طبي امداد لاءِ فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ٻنهي ڌرين ٽنڊوڄام ٿاڻي تي هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.01