فاسٽ بالر سهيل تنوير عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي

news

لاهور: آچر 19 مٸي 2019: ٽيسٽ فاسٽ بالر سهيل تنوير پنهنجي زال سان گڏ رمضان شريف ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل تنوير چيو ته الله سائين جو وڏو ڪرم آهي جو مڪي ۽ مديني شريف وچڻ جو موقعو مليو.

بحيثيت مسلمان ڪعبي جو طواف ۽ حضور پاڪ صلعم جي روضي تي حاضري وقت جيڪو قلبي سڪون ملندو آهي، اها ڪيفيت بيان نٿي ڪري سگهجي.