بدين ۾ يوسي چيئرمين پاران صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

news

بدين:آچر 19 مٸي 2019ع: يوسي چيئرمين پاران ڪڍڻ پريس ڪلب جي صحافين ڌمڪيون ڏيڻ خلاف بدين ۾ صحافين جو احتجاج ۽ نعريبازي.

خبر موجب ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح جي ڀاءُ ۽ يوسي ٻهڊمي جي چيئرمين حاجي صديق ملاح پاران پلاٽ تي مبينا قبضي ۽ ان جي ڪوريج ڪرڻ تي ڪڍڻ پريس ڪلب جي صحافين کي ڌمڪيون ڏيڻ خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ بدين يونٽ پاران مرڪزي نائب صدر حاجي خالد محمود گهمڻ، بدين يونٽ جي صدر عمران عباس خواجه، پريس ڪلب جي صدر تنوير آرائين جنرل سيڪريٽري شوڪت ميمڻ، ايڇ يو جي بدين يونٽ جي جنرل سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو، سينيئر صحافين انيس ميمڻ، نور حسن سولنگي، اشفاق ميمڻ،  مصطفيٰ جمالي، هارون گوپانگ، رازق ڏنو کوسه، عبدالله چانڊيو، الله بچايو، پارس ڪنڀار ۽ ٻين پاران يوسي چيئرمين خلاف نعريبازي ڪندي پريس ڪلب بدين  اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.

جنهن کي خطاب ڪندي صحافي اڳواڻن چيو ته بااثر يوسي چيئرمين حاجي صديق ملاح حق ۽ سچ لکڻ تان ڪڍڻ جي صحافين تي ڏمريل آهي، کين خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن خلاف ڪڍڻ ٿاڻي تي رپورٽ ڪرڻ باوجود پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن سبب پريس ڪلب ڪڍڻ جا صحافي عدم تحفظ جو شڪار آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر يوسي چيئرمين خلاف قانوني قدم کڻي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.01