سليم کونهارو جي ڪجھ ماڻهن سان تڪرار کي برادري سان نه جوڙيو وڃي، اسان جو ساڻس ڪوبه واسطو ناهي: ڪوٽڙي واسي

news

ڪوٽڙي: آچر 19 مٸي 2019ع:ڪوٽڙي واسي ڀائرن گل شير کونهارو ۽ اصغر علي کونهارو پنهنجي ڀيڻ جي مڙس پوليس اهلڪار خلاف دانهيندي چيو آهي ته اسان جي ڀيڻوئي سليم کونهارو جو سومرو برادري جي ماڻهن سان خبر ناهي ڪهڙو معامري تي تڪرار آھي.

سليم کونهارو اسان سميت برادري جي ڪنهن به معزز کي ڪجھ به ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ اسان جي ڪنهن به ڳالھ کي مڃي نٿو، ان لاءِ هن جو سومرا برادري جي ڪجھ ماڻهن سان تڪرار کي برادري تڪرار سان نه جوڙيو وڃي، اسان جو ڀيڻوئي سليم کونهارو سان ڪوبه واسطو ناهي.

اسين پرامن شهري آهيون، سڀني سان ڀائيچارو رکڻ جا خواھشمند آهيون پر ڀيڻوئي سليم کونهارو ڪڏهن ڪنهن جي خلاف ويٺو تڪرار بڻائي، ڪڏهن سومرن سان تڪرار بڻائي سومرا برادري جا ماڻهو پاڙي جا آھن، هو شريف آهن، سومرا برادري جا ماڻهو اسان وٽ لڙي آيا هئا پر سليم کونهارو هڪ به ڳالھ نٿو ٻڌي.

ان لاءِ اسان پريس ڪانفرنس ذريعي اهو آگاھ ڪريون ٿا ته سليم کونهارو سومرن سميت ڪنهن به ڌر سان ڪا ڪارروائي ڪري ته ساڻس اسان جو تعلق نه ڳنڍيو وڃي.

هنن چيو ته سليم کونهارو اڳ به سومرن جي ماڻهن خلاف ٻارن کي وٺي اچي هن پريس ڪلب آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان لاءِ تڪرار کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي.01