ڪويت پاڪستان جي لاءِ ويزا پابندين جو نئين سر جائزو وٺي: شاهه محمود قريشي

news

ڪويت: آچر 19 مٸي 2019: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪويت جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقاتون ڪيون آهن.

ملاقات ۾ پاڪ ڪويت ٻه طرفا لاڳاپا ۽ ويزا پابندين جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪويت جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صباح الخالد الحماد الصباح سان ملاقات ۾ ويزا پابندين متعلق مسئلن کي اجاڳر ڪيو.

ان جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام امير ڪويت ۽ ڪويتي حڪومت جي لاءِ دلي احترام جو جذبو رکي ٿي. پاڪستان جي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته هڪ لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڪويت جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار دا ڪري رهيا آهن.

هن جو چوڻ هو ته پاڪستان گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪافي اهڙا حفاظتي قدم کنيا آهن جن سان سفري ڪاغذن جي غيرقانوني استعمال جي موثر روڪٿام ڪئي وئي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪويت سان گڏ پنهنجي ڀائراڻا ٻه طرفا تعلقات کي اقتصادي ڀائيواري جي ذريعي مستحڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير هاڻوڪي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي دوران پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين خلاف آواز اٿارڻ تي ڪويتي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو.

شيخ صباح خالد الحماد الصباح چيو ته پاڪستان اسان جو برادر اسلامي ملڪ آهي ۽ ڪويت جي تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جون خدمتون قابل قدر آهن. هن شاهه محمود قريشي کي يقين ڏياريو ته ويزن جي بندش کي نئين سر ڏٺو ويندو ۽ پاڪستان سان گڏ هر ممڪن تعاون ڪنداسين.