وزيراعظم جو ڪاروباري طبقي کي اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور

news

اسلام آباد: آچر 19 مٸي 2019: وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪاروباري طبقي کي حڪومت جي نئين معاشي ترجيحات تي اعتماد ۾ وٺندي اقتصادي ترقي جي لاءِ ان جي ڀرپور ڪردار تي زور ڏنو آهي.

وزيراعظم عمران خان سان ملڪ جي ڪاروباري طبي جي نمايان شخصيتن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ناڻي وارو صلاحڪار، واپاري وارو صلاحڪار، ايف بي آر جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ۽ حڪومتي معاشي ٽيم جا ٻيا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.

وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ڪاروباري طبقي جي وفد ۾ ملڪ جي سڀني نمايان چيمبر آف ڪامرس جي عهديدارن ۽ قومي معيشت جي ٻيون شخصيتون شامل هيون.

عمران خان ملڪي اقتصادي صورتحال ۾ پاڪستان جي ترجيحات، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جا نتيجا، مالياتي مارڪيٽ جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل جي معاشي امڪانن سان به انهن کي آگاهه ڪيو.

وفد معاشي استحڪام جي لاءِ وزيراعظم کي تجويزون پڻ پيش ڪيون.