ڄامشورو ٽول پلازه جي عملي سيشن جج کي روڪي ورتو، پوليس چڙهائي، اهلڪارن کي مارڪٽ

news

ڄامشورو:آچر 19 مٸي 2019ع: ڄامشورو اولڊ ٽول پلازه تي سيشن جج ڄامشورو جي پوليس اسڪاٽ موبائيل ۽ ڪار کي ٽول پلازه عملي پاران روڪڻ تان ٽول پلازه عملي ۽ پوليس اهلڪارن ۾منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد سيشن جج پاران ايس ايس پي ڄامشورو کي ٽول عملي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ايس ايڇ او ڄامشورو اشفاق منگي جي اڳواڻي ۾ پوليس نفري ٽول پلازه پهتي ته ٽول انتظاميا ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويو، ان دوران  جهيڙو شروع ٿي ويو، ايس ايڇ او اشفاق منگي ۽ پوليس اهلڪارن کي ٽول عملي پاران سخت مارڪٽ ڪندي ٽول عملي پوليس اهلڪارن جا ڪپڙا ڦاڙهي ڇڏيا، ايس ايڇ او جي ٻن گارڊن کان هٿيار، موبائيل فونون ۽  هڪ موٽرسائيڪل کسي  ورتا.

معاملو وڌيڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويو، جنهن بعد ڊي ايس پي ڪوٽڙي نظر محمد ڊيشڪ جي اڳواڻي ۾ وڌيڪ پوليس جون 10 کان وڌيڪ گاڏيون پهچي ويون آهن ۽ ٽول کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته ٽول پلازه فري هلي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ٽول پلازه انچارج مبشر ڪمال چيو ته واقعو ٽول پلازه تي لڳل بيريئر جي ٽائمنگ سسٽم جي ڪري پيش آيو آهي، هڪ پوليس موبائيل ۽ سرڪاري نمبر پليٽ جي گاڏي ٽول تان گذري رهي هئي، پوليس موبائيل ڪراس ڪري وئي ته بيريئر هيٺ ٿي ويو.

سرڪاري نمبر پليٽ واري گاڏي بيهجي وئي ته پوليس اهلڪارن ٽول عملي سان بدتميزي ڪندي جهيڙو ڪيو، جنهن بعد ٻيهر شفٽ تبديل ٿيڻ کانپوءِ 3 پوليس موبائيلن ۾ سوار اهلڪارن ٽول تي هلان ڪندي عملي سان جهيڙو ڪيو ۽ اسان جي گارڊ کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. ڇڪتاڻ دوران ٻن پوليس اهلڪارن جا رائيفل ۽ هڪ موٽرسائيڪل رهجي ويا آهن، جيڪي اسان وٽ موجود آهن.

ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم ٻڌايو ته سيشن جج ڄامشورو پنهنجي فيملي سان گڏ اچي رهيو هو ته ٽول عملي پرچي جي معاملي تان روڪيو ۽ ٽول عملي پوليس اسڪاٽ سان منهن ماري ڪندي بدتميزي ڪئي. سيشن جج حڪم ڪيو ته ٽول عملي کي گرفتار ڪيو، جنهن لاءِ پوليس عملو ٽول تي پهتو ته عملي پاران پوليس سان جهيڙو ڪيو ويو ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿيار کسيا ويا، هڪ ڄڻو گرفتار ڪيو آهي، ٽول عملي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.01