سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ وارو معاملو، ٽي لاش ڪڍيا ويا، پنج ڄڻن جي ڳولا جاري

news

ڄامشورو:آچر 19 مٸي 2019ع: ٻڍاپور ٿاڻي جي حد ۾ انڙپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ دڙا ماڇي جا رهواسي ٻيڙي ۾ سوار ٿي مٽياري کان پنهنجي ڳوٺ دڙا ماڇي ڏانهن اچي رهيا هئا ته تيز بارش ۽ هوا جي لوڏي ۾سندن ٻيڙي اونڌي ٿي پئي، ٻيڙي ۾ 15 مرد، عورتون ۽ ٻارڙا سوار هئا، جيڪي ٻڏي ويا هئا، جن ۾ 35 ورهين جي قائمه زال پنهون ماڇي، 30 ورهين جي گلزادي زال مير حسن ماڇي، 25 ورهين شهزادي زال سڪندر ماڇي، سندس ٻن ورهين جو پٽ احمد ماڇي، 50  ورهين جي آست زال ڪمال ماڇي، 35 ورهين جي پوپري زال خان محمد ماڇي، سندس چار سالن جو پٽ عمران ماڇي، 3 ورهين جو عبدالوهاب ولد سونو ماڇي حليمان ماڇي  شامل آھن، جن مان ٻن عورتن مسمات آست ۽ مسمات پوپري جا لاش مقامي ٽوٻن ڳولي هٿ ڪيا.

هڪ عورت حليمان سميت 6 ڇهه ڄڻن کي به بيهوشي واري حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو.  صبح جو وڌيڪ  هڪ ٻارڙي عمران پٽ خان محمد ماڇي جو لاش به سنڌو درياھ مان ڳولي هٿ ڪيو ويو. باقي ٽي عورتون ۽ ٽي ٻارڙا اڃا تائين گم آهن. ضلعي انتظاميا، رينجرز، نيوي، ايڌي ۽ پوليس جا اهلڪار امدادي ڪاروائين ۾ مصروف رهيا، هٿ آيل لاشن جي قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گھر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ قهرام متل آهي ۽ عيد جون سموريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن.

واقعي واري هنڌ رينجرز جو اعليٰ آفيسر محمد فاروق پنهنجي ريسڪيو ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتل آهي، رينجرس جا اهلڪار لاش ڳولهڻ ۾ مصروف آهن. ڊي سي ڄامشورو فريد الدين مصطفيٰ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيڙي وارو واقعو ڏکائيندڙ واقعو آهي، اسان کي دلي صدمو پهتو آهي، واقعي واري هنڌ امدادي ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪي گذريل رات کان اتي موجود آهن، رات دير سان صرف ٻن عورتن 50 ورهين جي آست زال ڪمال ماڇي ۽ پوپري زال خان محمد ماڇي جا لاش ڪڍيا آهن ۽ ٻين ٻڏي ويلن جي ڳولا جاري آهي.

رينجرز جي آفيسر محمد فاروق ٻڌايو ته وڌيڪ هڪ ٻارڙي عمران پٽ خان محمد ماڇي جو لاش به سنڌو درياھ مان ڳولي هٿ ڪيو ويو، باقي ريسڪيو جو ڪم هلي رهيو آهي، پاڻي ۾ ڪافي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، درياءَ وهي رهيو آهي ٿي سگهي ٿو لاش پاڻي ۾ اڳتي لڙي ويا هجن، اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون.

هوڏانهن مسمات آست ۽ پوپري ماڇي جي جنازي نماز ڳوٺ دڙا ماڇي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن شهرين ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڄامشورو اتحاد جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر علي شورو واقعي واري هنڌ پهتو ۽ بعد متاثرين وٽ پهچي تعزيت ڪئي ۽ سندن هر ممڪن مدد ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر علي شورو چيو ته واقعو ڏکائيندڙ آهي ۽ متاثرين سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، رب پاڪ کين صبر عطا ڪندو.

هن چيو ته وڌيڪ ٻڏي ويلن جي ڳولا جو ڪم جاري آهي ۽ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز پاران ريسڪيو جو ڪم جاري آهي جيڪي پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ خراب موسمي صورتحال توڙي واقعي واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ شديد ڏکيائين باوجود گذريل رات توڙي سڄو ڏينهن ريسڪيو آپريشن جاري رهيو جنهن جي نگراني ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شوڪت علي اڄڻ ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سهيل احمد آرائين ڪئي.

جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي غلام رسول پنهور، مختيارڪار مانجهند راشد کوکر سميت ضلعي ۽ پوليس انتظاميا جا آفيسر واقعي واري هنڌ تي سڄو ڏينهن موجود رهيا. هن چيو ته گذريل ڏينهن پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 14 ماڻهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڌي ويا هئا جن مان ڇهن ڄڻن کي موقعي تي بچايو ويو جڏهن ته باقي ٻڏل 8 ماڻهن جي ڳولها لاءِ گذريل رات توڙي آچر جي ڏينهن ريسڪيو آپريشن جاري رهيو جنهن دوران 3 ٻڏلن جا لاش ڪڍيا ويا آهن جن ۾ ٻه عورتون ۽ هڪ ٻارڙو شامل آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو وڌيڪ چيو ته باقي ٻڏل 5 ڄڻن جي ڳولها لاءِ پاڪ نيوي توڙي مقامي ٽوٻن جي مدد سان سڀاڻي صبح جو سوير ٻيهر آپريشن شروع ڪيو ويندو.01