انگلينڊ پاڪستان کي پنجين ميچ ۾ هارائي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

news

ليڊز: (سومر20 مئي 2019ع)  انگلينڊ پاڪستان کي پنجين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ هارائي وائٽ واش ڪري ڇڏيو انگلينڊ جي 352 رنزن جي حدف جي پويان پاڪستان جي پوري ٽيم 47هين اوور ۾ 297 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ کيس 54 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

هيڊنگلي ليڊز ۾ کيڏجندڙ ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان اين مورگن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ جي طرفان جيمزونس ۽ جوئي بينراسٽو اننگ جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن ٽيم کي 63 رنسن جي شروعات فراهم ڪئي.

انگلينڊ جو پهريون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ونس هو جيڪو 33 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته جوني بيٽراسٽو 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. جوئي روٽ ۽ اين مورگن پاڪستاني بالرن کي دل کولي ڌوتو ٻنهي رانديگرن 84 ۽ 76 رنسن جي  بهترين راند کيڏي. جوز بٽلر 34 ۽ بين اسٽوڪس 21 ۽ ٽام ڪرن 29 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي طرفان شاهين آفريدي 82 رنسون ڏئي 4 جڏهن ته عماد وسيم 53 رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. حسن علي ۽ حسنين به هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي 352 رنسن جي حدف ۾ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات فخرزمان ۽ عابد علي ڪئي جيڪا مايوس ڪن رهي. شروعات ۾ ئي 6 جي اسڪور تي 3 رانديگر آئوٽ ٿي ويا. ٽنهي رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪپتان سرفراز احمد بيٽنگ جي لاءِ آيو ۽ بابر اعظم سان ملي چوٿين وڪيٽ جي پارٽنر شپ سان 146 رنسون ٺاهيون. پر بابر اعظم 80 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو.

بابر اعظم جي آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ سرفراز احمد به پريشان ٿي ويو جنهن کان پوءِ هو به 97 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. اهڙي طرح پاڪستان جي پوري ٽيم 47هين اوور ۾ 297 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ميچ ۾ کيس 54 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. جيڪا قومي ٽيم جي مسلسل 10هين شڪست آهي.