يونس خان کان پوءِ مصباح الحق به جونيئر ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو

news

لاهور: (سومر20 مئي 2019ع) ماضي جي عظيم رانديگر يونس خان کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ جي سڀني کان وڏي ڪامياب ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق به جونيئر ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب مصباح الحق ذاتي مصروفيتن سبب بورڊ جي پرڪشش آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته هو پهريان طئي ٿيل پنهنجي ذاتي ۽ گهرو مصروفيتن سبب بورڊ سان گڏ ڪم نٿو ڪري سگهي. مصباح الحق جو چوڻ آهي ايندڙ ٽن ورهين تائين سندس مصروفيتون طئي آهن، تنهنڪري هو پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ نٿو بڻجي سگهي.

مصباح کان پهريان اڳوڻي ڪپتان يونس خان مالي معاملا طئي نه هئڻ سبب پي سي بي جي آڇ رد ڪري ڇڏي هئي. پي سي بي ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ اهڙي رانديگر کي پاڪستان جونيئر ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ بنائڻ چاهي ٿي جيڪو ٻارن جي لاءِ رول ماڊل هجي ۽ ڪرڪيٽ جي حلقن ۾ قابل احترام هجي.