ڏوڪري پوليس پاران مبينا چوري جي الزام هيٺ نوجوان گرفتار، وارثن جو احتجاج

news

ڏوڪري: سومر 20 مٸي 2019ع:ڏوڪري پوليس مبينا چوري جي الزام هيٺ ڏوڪري زرعي فارم جو نوجوان فيصل چانڊيو کي گرفتار ڪري ورتو آھي.

جڏھن ته ٻئي پاسي ڏوڪري فارم ڪالوني جي رهواسين مھتاب سانگهرو، غلام حسين ڍڪڻ ۽ صابر علي ڍڪڻ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان جي به فارم ڪالوني مان چوريون ٿينديون آهن، جنهن ۾ 11 ڍور اسان جا گذريل هڪ سال کان چوري ٿي ويا آهن.

هنن الزام هڻندي چيو ته جيڪو ملزم گرفتار ٿيو آهي، اهو اسان جي چوري ۾ ملوث آهي. ٻئي پاسي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي اي ايس آءِ دمساز چانڊيو ٻڌايو ته پڪڙيل جوابدارن شاهد گاڏهي جي چوري ۾ پڪڙيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي جاچ ڪري پوءِ ڪنهن معاملي تي پهچبو، ڪنهن به بي گناهه کي ڦاسايو نه ويندو.01