ڪوڙو چيڪ ڪيس: اڳوڻي گورنر جي ڀاءُ عامرالعباد کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪليو ويو

news

ڪراچي:(سومر20 مئي 2019ع) عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي سنڌ جي گورنر عشرت العباد جي ڀاءُ عامرالعباد کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. پوليس عامرالعباد کي جوڊيشل ميجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي جوابدار  جي جسماني رمانڊ جي گهر ڪئي وئي.

عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته اوهان هينئر تائين جاچ ۾ ڇا ڪيو آهي.؟ ان تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار ۽ ٻين گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن. جاچ آفيسر  جي جواب تي عدالت چيو ته هي اڌ ڪلاڪ جو ڪم هوندو آهي. عامرالعباد جي وڪيل چيو ته عدالت ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي رهيا آهيون. جنهن تي عدالت سڀاڻي صبح جو وقت ڏنو. عدالت پوليس طرفان وڌيڪ جسماني رمانڊ جي اپيل کي رد ڪندي جوابدار عامرالعباد کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ياد رهي ته اڳوڻي سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد جي ڀاءُ عامرالعباد کي 17 مئي تي ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر مان گرفتار ڪيو ويو هو. سندس مٿان سٽي ڪورٽ ٿاڻي ۾ ڪوڙِي چيڪ ڏيڻ جو ڪيس داخل آهي.