ڪٺ پتلي ۽ جعلي وزيراعظم کي نٿي مڃان: مريم نواز

news

اسلام آباد: سومر 20 مٸي 2019: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هو جعلي ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم کي نٿي مڃي، ڇو ته اهو هن ڪرسي جي به توهين آهي.

اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ووٽ جي عزت نه ڪئي ويندي ته اهو ئي حال هوندو، جيڪو هاڻ ملڪ سان ٿي رهيو آهي.

مريم نواز چيو ته عليمه خان ۽ ٻين جي پراپرٽي نڪري اچي ٿي، نيب ان جو نالو به نٿي وٺي، جيڪي مهرا آهن ان جو ڪهڙو نالو وٺن، هي سڀ نيب کي نظر نه ٿو اچي. هن جو چوڻو هو ته جڏهن سليڪٽ احتساب ٿيندو ته پوءِ اداري جي ڪهڙي ساک هوندي؟

مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته نيب جڏهن ڪيس ٺاهي ٿي ۽ جنهن کي گرفتار ڪرڻو هوندو، وزير ۽ جعلي وزيراعظم پنج ڏينهن پهرين انهن کي ٻڌائي ڇڏيندا آهن.

هن کان اڳ هو اجلاس ۾ شرڪت کان پهرين مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت کي مخالف ڌر جي ضرورت ناهي، اها پاڻ ئي پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيندي.

اسلام آباد ۾ پارٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس آمد جي موقعي تي مريم نواز ميڊيا جي نمائندن سان غير رسمي ڳالهيون ڪيون.

هڪ صحافي سوال ڪيو ته توهان پارليامينٽ ۾ ميمبر طور ڪڏهن اچي رهيون آهيو ان تي هن جواب ڏنو ته تمام جلد انشاءَ الله. مريم نواز عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته  عمران خان وٽ ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪجهه نه رهيو آهي، حڪومت کي مخالف ڌر جي ضرورت ناهي. هيءَ پاڻ ئي پاڻ کي ڪيرائي ڇڏيندو.

هن چيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ عوام جي بالادستي، پاڪستان کي اهڙن ئي اصولن تي هلڻ گهرجي.