ڪوٽڙي پوليس پاران شادي تقريب تي ڇاپو، ٻه گهوٽ ڪنوارن سميت گرفتار

news

ڪوٽڙي: سومر 20 مٸي 2019ع:ڪوٽڙي پوليس جو ڪارنامو، کڏا ڪالوني ۾ سائيٽ پوليس هڪ شادي تقريب ۾ ڇاپو هڻي ننڍي عمر واري ۽ زبردستي نڪاح جو جواز ڄاڻائي ٻن ڀائر گهوٽن ۽ ٻن ڀيڻن ڪنوارن کي گرفتار ڪري سائيٽ ٿاڻي تي آندو. پوليس جي چڙھائي ۽ گهوٽ ڪنوارن کي گرفتار ڪرڻ خلاف گرفتار گهوٽ ۽ ڪنوارن جي وارثن سائيٽ پوليس خلاف احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آھي.

تفصيل موجب ڪوٽڙي سائيٽ جي کڏا ڪالوني ۾ گل حسن گوپانگ جي گهر تي سائيٽ پوليس انچارج فراز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڇاپو هڻي گهوٽ سجاد علي گوپانگ، اسد گوپانگ ۽ ڪنوار سيما گوپانگ ۽ ذڪيا گوپانگ کي گرفتار ڪري سائيٽ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار جي وارثن سائيٽ پوليس خلاف احتجاج ڪندي ڪنوارن جي پيءَ گل حسن گوپانگ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائيٽ پوليس منهنجي نياڻين جي شادي خراب ڪرڻ لاءِ بناجواز اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو آهي، عورتن ۽ ٻارڙن تي سائيٽ انچارج فراز ميمڻ تشدد ڪيو آهي، اسان جو ڪهڙو ڏوهه هو جو رات جي اونداهي ۾ سائيٽ پوليس زبردستي گهرن ۾ گهڙي منهنجون ٻه نياڻيون ذڪيا گوپانگ ۽ سيما گوپانگ ۽ ٻه نياڻا اسد علي ۽ سجاد گوپانگ کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو آهي، منهنجون نياڻيون ذڪيا گوپانگ 19 سالن جي آھي،  سيما گوپانگ 22  سالن جي آهي، خبر ناهي سائيٽ پوليس انچارج ڪنهن جي چرچ تي ونگار وهي،  منهنجي نياڻي جي شادي برباد ڪري اسان جي بعيزتي ڪئي آهي.

نياڻين جي عمر شادي لاحق آھي، رفتار گهوٽن اسد ۽ سجاد گوپانگ ٻڌايو ته اسان پنهنجي پڦاٽن سان مائٽن جي مرضي سان شادي ڪئي آهي، اڄ گهر ۾ نڪاح ٿي رهيو هو ته اوچتو سائيٽ پوليس گهرن ۾ ايئن گهڙي پي ڄڻ ڪو اسان ڌاڙيل هجون، اسان شادي ڪئي آهي، ڏوهه ناهي ڪيو، هاڻ وري سائيٽ پوليس چوي ٿي ته ڪنوارن جي عمر ننڍي آهي، عمر ننڍي هجي ها ته اسان شادي ٿوري ڪريون ها، ڪنوارن جي عمر 22 ۽ 19 سال آهي، بيگناهه اسان کي ٿاڻي ويهاري زليل ڪيو آهي، ان لاءِ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته سائيٽ پوليس انچارج فراز ميمڻ کي فوري طور هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين. 

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو توقير محمد نعيم ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته کڏا ڪالوني ۾ ننڍي عمر جي نياڻين جي شادي ٿي رهي آهي، ان لاءِ ڇاپو هڻي ٻن گهوٽن ۽ ڪنوارن کي ٿاڻي تي آندو ويو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون ته ڇوڪرين جي عمر ننڍي ته ناهي، جيڪڏهن وارث ڪو ڪارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ آڻين ٿا ته پوءِ هنن کي آزاد ڪيو ويندو.

سائيٽ پوليس گهوٽن ۽ ڪنوارن توڙي انهن جي وارثن کي ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ڪنوارن جو ڪارڊ ڏيکارڻ کانپوءِ سائيٽ پوليس ٻنهي جوڙن کي آزاد ڪري ڇڏيو.01