ڪوٽڙي ۾ وڪيل برادري پاران ٽول پلازا عملي خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڪوٽڙي: سومر 20 مٸي 2019ع:ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن ٽول پلازه عملي پاران سيشن جج ڄامشورو سان بدتميزي ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو علامتي بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سيشن ڪورٽ سامهون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.

وڪيل اڳواڻن جنرل سيڪرٽري بار فهيم انڙ، مير احمد مڱريو، آغا ڪوثر حسين، گائي جتوئي ۽ نثار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ بار کان ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ٽول انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڄامشورو ٽول پلازا جي عملدارن سيشن جج پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي هئي، سرڪاري گاڏي ۾ موجود هو پوء به ٽول عملي سيشن جج سان بدتميزي ڪري نااهلي ۽ بدمعاشي جو ثبوت ڏنو آھي، اسان اهڙي عمل جي مزمت ڪيون ٿا.

هنن چيو ته جڏهن پوليس پهتي ته اهلڪارن کي يرغمال ڪري انهن تي تشدد ڪيو ويو پر افسوس آھي ته ايس ايس پي اڃا غنڊه گردي ڪندڙ ٽول عملي تي ڪيس داخل نه ڪري سگهيو آھي، هي روش انتهائي مزمت جوڳي آھي، اسين وڪيل ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهنداسين، جيستائين ٽول عملي خلاف ڪارروائي ڪري انهن مٿان ڪيس داخل نٿو ڪيو وڃي.

وڪيل اڳواڻن چيو ته اسان پرامن احتجاج ڪري اهو مطالبو ٿا ڪيون ته فوري طور سيشن جج سان بدتميزي ڪندڙ  ٽول عملي خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ جا وڪيل روڊن تي اچي وينداسين.

رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو توقير نعيم ٻڌايو ته ٽول عملي جي زيادتي جو اي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد نوٽيس ورتو آھي، ٽول عملي جا ذميوار به اسان سان رابطي ۾ آھن، اسان جي ٽيم جوڙي وئي آھي، جلد ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين، فلحال ڪيس داخل ناهي ڪيو، وڪيلن جي احتجاج جي به خبر پئي آھي.01