سنڌ يونيورسٽي پاران پنجهتر اسڪالرن کي مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري

news

ڄامشورو:سومر 20 مٸي 2019ع: سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ جي اجلاس ۾ مجموعي طور 75 ريسرچ اسڪالرن کي مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. بورڊ جو 133هون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ 18 اسڪالرن نورالنساءِ بلوچ کي ڪامرس، بشير احمد ۽ نذير احمد کي اسلامڪ ڪلچر، عبدالجبار نظاماڻي ۽ غلام فاطمه ٻٻر کي سنڌي، فريد الدين پٺاڻ، ساجده پروين قائمخاني ۽ وجيهه الحسن صديقي کي اردو، اسمه بانو شيخ کي اڪنامڪس، يواب نائير کي ڊولپمينٽ اسٽڊيز، محمد رمضان ڪولاچي کي انٽرنيشنل رليشنس، عبدالجليل ميرجت بلوچ، علي مراد لجواڻي، حفيظ الله بلوچ ۽ صدام حسين شاهه کي سوشالاجي، احمد علي سميجو، نادر علي شاهه ۽ غلام بشريٰ سيال کي زولاجي ۾ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ ايم فل مڪمل ڪندڙ 57 اسڪالرن سهيب احمد انڍڙ، صبغت الله، مصور سڪندر مڪول ۽ احسان علي شاهه کي اسلامڪ ڪلچر، غلام علي ماڇي ۽ شگفته سميع کي بزنس ايڊمنسٽريشن، فرزانا مغل، مهوش سليم شيخ، محمد موسيٰ، ناهيد افروز ميمڻ ۽ نذير احمد کي ايجوڪيشن، غلام مرتضيٰ سومرو ۽ نذر حسين چانڊيو کي عربي، عبدالحميد ڪنڀر کي انگلش لنگوئسٽڪ، بي بي گلناز شاهه کي انگلش لٽريچر، ناهيد شاهه نقوي کي سنڌي، عبدالخالق پٺاڻ کي اردو، بدرالدين ڪولاچي ۽ جاويد اڪبر خان کي اڪنامڪس، پرهه ذوالفقار کي پاڪستان اسٽڊي، ماروي پنهور کي سائيڪالاجي، غلام نبي گاڏهي ۽ عظميٰ ڪنول قريشي کي پبلڪ ايڊمنسٽريشن، عبدالله ميمڻ، اميت ڪمار لوهاڻا، گلناز لغاري، مهوش شبير عباسي ۽ منيبه زبير کي ايناليٽيڪل ڪيمسٽري، امبر محمود آرائين کي بائيو ڪيمسٽري، وحيد علي ميمڻ کي بائيو ٽيڪنالاجي، صدف جتوئي ۽ سيما کي باٽني، محمد اڪبر پٺاڻ، ماريه سومرو ۽ معيز احمد ملڪ کي ڪمپيوٽر سائنس، بشريٰ ميمڻ کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، عبدالجبار، فتح علي بلوچ ۽ محمد افضل جمالي کي جيولاجي، توشابا چنا کي هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن، خدا داد کي ميٿاميٽڪس، اميت ڪمار مهيشوري، مريم احمد چنا ۽ سائره فلڪ سهتو کي مائيڪرو بائلاجي، ارتات حمزه قريشي، احسان علي ملاح، منصور علي ميمڻ، سحر سليم ۽ نور احمد شيخ کي فزڪس، نورالحبا قريشي کي اسٽيٽسٽڪس، آصف اقبال راجپوت، مديحه قريشي، مدثر علي سومرو ۽ نائله ڀنگر کي زولاجي، فرح بلال، ندا شميم مغل ۽ فوزيه رستماڻي کي فارماسيوٽڪس ۾ ايم فل جون ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ ڊائريڪٽر گريجوئيٽ اسٽڊيز پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز علي تنيو، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، فارميسي فيڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر زرين عباسي، ڊين اسلامڪ ڪلچر پروفيسر ڊاڪٽر حافظ منير احمد، ڊين ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي قناصرو، انچارج ڊين ايجوڪيشن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار عالماڻي، ڊين نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر اختر حسين مغل، پي وي سي لاڙ ڪئمپس بدين پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ، ڊائريڪٽر ڪيو اِي سي ڊاڪٽر شهزاد ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد کمڀاٽي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز علي وساڻ پڻ شرڪت ڪئي.01