مهراڻ يونيورسٽي جي ملازمن پاران لِيو انڪيشمينٽ نه ملڻ خلاف احتجاج

news

ڄامشورو: سومر 20 مٸي 2019ع:مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملازمن جي تنظيم ميوا جي صدر سيد اشتياق علي شاھ، عبدالقيوم ملاح، قادر بخش برفت، اعجاز علي ميمڻ، مرتضيٰ  سمون، محمد هاشم ڪنڀر، غلام شبير پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ زيرو پوائنٽ کان ايڊمن بلاڪ اي سي ٽو تائين ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي ۽ اي سي ٽو اڳيان ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  مهراڻ يونيورسٽي سميت سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ انتظاميا ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ کان مسلسل ڪن لاٽار ڪري رهيون آهن، هينئر سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ ملازمن جو اهم مسئلو ليو انڪيشمينٽ جو آهي جيڪو حل نٿو ڪيو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته مهراڻ يونيورسٽي انتظاميا به ٻين يونيورسٽين جيان پنهنجي غريب پورهيتن سان به ساڳيو سلوڪ ڪري رهي آهي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ 2012ع کان ملازمن کي ملندڙ ليو انڪيشمينٽ هن سال نه پئي ڏني وڃي جنهن سبب ملازمن ۾سخت بيچيني پکڙيل آهي ۽ ملازم احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ليو انڪيشمينٽ ڏنو وڃي. مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي اي سي ٽو اڳيان لڳل ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ ملازم اڳواڻن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي خاطري ڪرائي ته 24 مئي تي ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ڏني ويندي.

رجسٽرار جي خاطري کانپوءِ ملازمن اهو اعلان ڪندي ڌرڻو عارضي طور ملتوي ڪيو ته صرف اڄوڪو ڏينهن احتجاج ملتوي ڪيون ٿا پر سڀاڻي وري احتجاج ڪيو ويندو ۽ جيستائين وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسلم عقيلي خاطري نٿو ڪرائي يا ليو انڪيشمينٽ نٿي ڏني وڃي تيستائين احتجاج جاري رهندو.01