ڄامشورو ٽول پلازه معاملو: پوليس معاملو لئه مٽي ڪري ڇڏيو، گرفتار ڪيل گارڊ آزاد، واقعي خلاف احتجاج

news

ڄامشورو:سومر 20 مٸي 2019ع: ڄامشورو پوليس کي ٽول عملي پاران مارڪٽ آئي وئي؟ سيشن جج جي گاڏي کي روڪڻ ۽ پوليس عملي سان جهيڙو ڪرڻ وارو معاملو ڄامشورو پوليس لئه مٽي ڪري ڇڏيو آهي. ڄامشورو اولڊ ٽول پلازه تي ڪراچي کان ڄامشورو ايندي سيشن جج ڄامشورو جي پوليس اسڪاٽ موبائيل ۽ ڪار کي ٽول پلازه عملي پاران روڪڻ تان ٽول پلازه عملي ۽ پوليس اهلڪارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، سيشن جج جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪرڻ لاءِ  ٽول پلازه پهتي ته ٽول عملي پوليس سان جهيڙو ڪيو، جنهن ۾ 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿيار ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو. ان معاملي جو اڃا تائين ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جهيڙي دوران ڄامشورو پوليس گرفتار ڪيل ٽول جي سيڪيورٽي گارڊ علي بخش چانڊيو کي رات دير سان آزاد ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي  ڄامشورو ٽول پلازا  انتظاميه خلاف ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ڄامشورو جي وڪيل برادري پاران وڪيل فهيم انڙ، شاهد علي سهتو، نثار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ ٽول پلازه جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندي ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڄامشورو ٽول پلازا انتظاميه سيشن جج ڄامشورو سان بدتميزي ڪري ۽ پوليس عملي تي تشدد ڪندي هٿيار ڦر ڪيا آهن جيڪا سرعام داداگيري ۽ غنڊا گردي آهي، جنهن جو چيف جسٽس ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.

هنن مطالبو ڪيو ته ٽول پلازا ايف ڊبليو او جي ملوث عملدارن کي هٽائي مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ٽول پلازه جي انچارج رٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنل مبشر ڪمال ٻڌايو ته معاملو حل ٿي ويو آهي، گذريل  ڏينهن اسان جو سي او  ڪرنل احمر ڪمال آيو هو جنهن ايس ايس پي ڄامشورو سان گڏجاڻي ڪئي،  پوليس اسان جي گرفتار ڪيل گارڊ کي به آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اسان پوليس جو اسلحو ۽ ٻيو سامان واپس ڪري ڇڏيو آهي.

سيشن جج جي گاڏي کي روڪڻ ۽ پوليس تي تشدد ڪرڻ جي واقعي بابت ايس ايڇ او ڄامشورو، ڊي ايس پي ڪوٽڙي سميت ايس ايس پي ڄامشورو سان بار بار رابطو ڪيو ويو ايس ايڇ او ڄامشورو ۽ ڊي ايس پي ڪوٽڙي پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو پاران فون اٽينڊ نه ڪيو ويو.01