ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي جنيد خان جو نرالو احتجاج

news

لنڊن: سومر 20 مٸي 2019: ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم مان ڊراپ ٿيندڙ فاسٽ بالر جنيد خان پنهنجي منهن تي ٽيپ لڳائي نرالو احتجاج ڪيو آهي.

  فاسٽ بالر جنيد خان خاموش احتجاج ڪندي انضمام الحق جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ سليڪشن ڪميٽي سان احتجاج ڪيو آهي.

فاسٽ بالر جنيد خان ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي نرالو احتجاج ڪندي وات تي ٽيپ چنبڙائي پنهنجي تصوير سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ تحرير ڪئي آهي ته ”آئون ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان، سچ ڪڙو هوندو آهي“.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق اڄ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ تبديلين جو اعلان ڪيو هو. سندس چوڻ هو ته فاسٽ بالرن وهاب رياض ۽ محمد عامر جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته بيٽسمين آصف علي کي به ورلڊ ڪپ کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انضمام الحق موجب جنيد خان، فهيم اشرف ۽ عابد علي کي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، وهاب ۽ عامر جي شموليت سان فاسٽ بالنگ جي شعبي ۾ بهتري ايندي.