چوهڙ جمالي ۾ قبرستان مان اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ

news

چوهڙجمالي: اڱارو 21 مٸي 2019ع:درگاهه شاھ يقيق بابا جي مقامي قبرستان مان هڪ اڻڄاتل پيرسن جو لاش هٿ آيو، پوليس ضروري ڪارروائي بعد دفنائي ڇڏيو. خبر موجب چوهڙجمالي ڀرسان درگاھ شاھ يقيق بابا جي قبرستان مان هڪ 70 سالن جي پيرسن شخص جو لاش ھٿ آيو.

اهڙي اطلاع تي چوهڙجمالي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ ورتو ۽ طبي موت جي تصديق بعد غسل ڪفن ۽ تدفين لاءِ اوقاف کاتي جي حوالي ڪيو، جن اڻڄاتل شخص جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري سندس آخري رسمون ادا ڪري  کيس امانت طور مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. جڏھن ته اڻڄاتل شخص جي کيسي مان هڪ پرچي ملي، جنهن تي 2 نمبر ڪورنگي لکيل هو.01