گوگل پاران هواوي اينڊرائيڊ فون لاءِ پنهنجون سروسز بند ڪرڻ جو اعلان

news

بيجنگ: اڱارو 21 مٸي 2019ع: سرچ انجڻ ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل چيني سمارٽ فون هواوي جي لاءِ پنهنجون سهولتون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وائٽ هائوس طرفان هواوي ڪمپني جي شين تي پابندي ۽ انهن کي منع شين جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ گوگل به پنهنجي موبائل آپريٽنگ سسٽم جي هواوي سمارٽ فون سان تعلق ڪٺڻ جو عالان ڪيو آهي، ٻئي طرف هواوي فوري طور تي پنهنجو آپريٽنگ سسٽم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هواوي دنيا ۾ سمارٽ فون ٺاهيندڙ ٻئين يا ٽئين وڏي ڪمپني آهي ۽ گذريل سال ان جا 20 ڪروڙ کان وڌيڪ فون وڪرو ٿيا هئا ۽ اهو تعداد ايپل کان وڌيڪ آهي.

هواوي پنهنجي واهپيدارن کي چيو هو ته گوگل ايپ اسٽور تي موجود آپريٽنگ سسٽم سان اپ ڊيٽس ۽ ڊائون لوڊز جي فراهمي جاري رهندي پر اولهندن ملڪن يورپ لاءِ هواوي جي نائب صدر ٽم واٽڪنس خبردار ڪيو هوته ضورري ناهي ته مستقبل ايترو ئي پراميد هجي؟ ان کانپوءِ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري جنگ سبب هواوي وچ ۾ پسجي رهجي ويو آهي.

جيتوڻيڪ پلان بي جي طور تي هواوي پنهنجي آپريٽنگ سسٽم جو اعلان ڪري  رکيو هو پر اهو اڃان تائين منظرعام تي ناهي آيو، خدشو آهي ته گوگل تي پابندي کانپوءِ هواوي جو پورو نظام مفلوج ٿي ويندو.