جيڪب آباد ۾ واپاري کان ست لک رپيا روڪ رقم ۽ سونو لاڪيٽ ڦر، مزاحمت تي زخمي

news

جيڪب آباد:اڱارو 21 مٸي 2019ع: جيڪب آباد ۾ جاري بدامني واري لهر ڏينهون ڏينهون وڌندي پئي وڃي پوليس بدامني کي ٻنجو ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي، گذريل ڏينهن صدر ٿاڻي جي حد سنڌ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي ڳوٺ لعل بخش ٻگهيو ويجهو ٻه اڻ سڃاتل موٽرسائيڪل سوار ڦورو ڏينهن ڏٺي جو جيڪب آباد واسي ڪپڙي جي هندو واپاري رميش ڪمار کان 7 لک روپيا روڪ رقم ۽ سونو لاڪيٽ ڦر ڪري ويا، جڏهن ته هندو واپاري پاران ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن پاران کيس هٿيارن جا بٽ هڻي کيس زخمي ڪري وڌو ۽ فرار ٿي ويا.

زخمي هندو واپاري پنهنجي ساٿي روهت ڪمار جي مدد سان سول اسپتال جيڪب آباد پهتو جتي اطلاع تي پوليس پڻ پهتي.

ان موقعي تي متاثر هندو واپاري جو چوڻ هو ته آئون ڪپڙي جو ڪم ڪندو آهيان، بلوچستان جي مختلف علايقن اوسته محمد، ڊيرا مراد جمالي ۽ ڊيرالهيار کان اوڳاڙي ڪري واپس جيڪب آباد اچي رهيو هئس ته جيڪب آباد شهر ويجهو ڳوٺ لعل بخش ٻڳهيو وٽ ٻن اڻ سڃاتل موٽرسائيڪل سوارن هٿيارن جي زور تي رستا روڪ ڪئي ۽ 7 لک روپيا روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ سونو لاڪيٽ به لاهي ويا مزاحمت ڪئي ته مونکي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته عيد جي سيزن جي سموري رقم ڦورو ڦر ڪري ويا آهن، ايس ايس پي اپيل آهي ته ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي وڃي.01