والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري، وڌيڪ ٻه ڪشميري شهيد

news

سرينگر: (اربع 22 مئي 2019ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ وري ٻن  شهرين کي شهيد ڪيو ويو آهي.

ڪشميري ميڊيا موجب ڪلگام ضلعي جي علائقي گوپال پورا ۾ ڀارتي فوج گهيراءُ ڪندي، نام نهاد آپريشن جي نالي تي گهر گهر تلاشي ورتي.

ڪشمير ميڊيا موجب قابض ڀارتي فوج  فائرنگ ڪري ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته قابض انتظاميا ڪلگام ۾ انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪري ڇڏي آهي.