اڏيرو لال اسٽيشن ۾ ايڊز جي مرض ۾ ورتل نوجوان جو علاج لاءِ احتجاج

news

اڏيرو لال اسٽيشن: اربع 22 مٸي 2019ع:ڳوٺ حمزو مجيداڻو جي هڪ هي گهر جي ٽن ڀاتين کانپوءِ اڏيرو لال اسٽيشن جي  ڳوٺ نوبت مري جو رهواسي ايڊز ۾ ورتل نوجوان 30 سالن جو غلام جان مري پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته مونکي ڪافي وقت کان  بخار ۽ مٿي  ۾ سور رهندو هو، جنهن جو آئون  مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائيندو هئس پر تڪليف گهٽ نه ٿي سگهي، تنهن کانپوءِ مونکي ڊاڪٽرن ڪراچي جي آغا خان مان ٽيسٽون ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ته ٽيسٽن ۾ مونکي ايڊز ظاهر ٿي پئي آهي،  جنهن جي ڊاڪٽرن پڻ تصديق ڪئي آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته توکي سِرنج مان ايڊز ٿي آهي ، هن جو اهو به چوڻ هو ته آئون شادي شده آهيان ۽ تمام غريب مسڪين ماڻهو آهيان، منهنجو علاج هن وقت حيدرآباد ۾ هلي رهيو آهي. هن چيو ته مون وٽ حيدرآباد جو ڪرايو به ناهي هوندو، ماڻهن کان قرض کڻي حيدرآباد جو ڪرايو گڏ ڪري علاج لاءِ ويندو آهيان، ايڊز ۾ ورتل نوجوان غلام جان مري سرندي وارن ۽ سنڌ سرڪار کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي، جئين آئون پنهنجو علاج ڪرائي سگهان ۽ ايڊز جهڙي موذي مرض مان منهنجي جان آجي ٿي سگهي.

ٻئي طرف اڏيرو لال ۾ ايڊز 4  جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي علائقي ۾ خوف واري صورت حال آهي ۽ هتان جي سماجي اڳواڻن صوبائي وزير صحت، سڪريٽري صحت، ڊي جي هيلٿ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ بلڊ اسڪريننگ  ڪئمپ هڻي علائقي جي ماڻهن جون ٽيسٽون ڪيون وڃن، جئين خبر پئي ته ايڊز جهڙي بيماري  ٻين ماڻهن ۾ ته فهل جي ناهي وئي.01