هاڻ ڳالهيون نه پر معاشي جنگ وڙهنداسين: ايران

news

تهران: اربع 22 مٸي 2019ع: ايراني صدر حسن روحاني آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو آهي ته ايران آمريڪا جي معاشي جنگ جو مقابلو ڪندو.

تفصيل موجب ايراني صدر حسن روحاني معاشي پابندين جي حوالي سان آمريڪا سان ڳالهيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، حسن روحاني چيو ته ايران ڪنهن صورت آمريڪا سان ڳالهيون نه ڪندو پر معاشي جنگ جو مقابلو ڪندو.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران طرفان يورينيم افزودگي جي معاملي تي ان تي وڌيڪ پابنديون مڙهي ڇڏيون هيون جنهن جي خلاف ايران آواز اٿاريندي چيو ته عالمي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

معاهدي ۾ شامل ٻين يورپي ملڪن به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وڌيڪ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي قدمن جي مخالفت ڪئي هئي.