اٽڪ، ميانوالي ۾ تيل جي دريافت لاءِ ڪويتي ڪمپني کي لائسنس جاري

news

اسلام آباد: اربع 22 مٸي 2019: پيٽرول ڊويزن ڪويت جي ڪمپني ڪوفپيڪ جي ذيلي اداري ڪيرٿر پاڪستان کي اٽڪ ۾ مکڊ بلاڪ ۾ تيل ڳولا جي لاءِ لائسنس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

توانائي واري وزارت جي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڪمپني سان گڏ ايڪسپلوريشن لائسنس (اي ايل) ۽ پيٽروليم ڪنيڪشن معاهدو (پي سي اي) ڪيو ويو آهي.

پريس رليز موجب معاهدي تي پٽروليم واري سيڪريٽري اسد حياوالدين ۽ ڪويتي ڪمپني ڪوفپيڪ جي سي اي او شيخ نواف سعود الصبح صحيحون ڪيون.

تقريب ۾ وفاقي وزير پيٽروليم عمر ايوب خان به موجود هو.