ملير ۾ خانگي ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ کان انڪار، پورهيت جو احتجاج

news

ملير(رپورٽ: دريا خان شر) خميس 23 مٸي 2019ع:ملير ليبر منسٽر مرتضيٰ بلوچ جي حڪم تي نجي فيڪٽرين جي مالڪن مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪندي ليبر منسٽر  جي حڪم کي به ٿڏي ڇڏيو، پورهيت کي نوڪري ڏيڻ کان کٿو جواب.

تفصيل موجب ملير پورٽ قاسم ۾ قائم خانگي فيڪٽرين جي مالڪن طرفان مقامي ماڻهن کي نه کڻڻ جون مئنيجمينٽ کي هدايتون، مقامي ماڻهو بي روزگار ۽ بي يارو مددگار ٿي ويا، بن قاسم جي نجي فيڪٽرين اندر نيون ڪراچي، سهراب ڳوٺ، لانڍي ۽ ڪورنگي سميت ٻين علائقن جا ماڻهون ڪم ڪرڻ لڳا.

پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي صدر ۽ ليبر منسٽر مرتضيٰ بلوچ خانگي ڪمپني بهاول پور انجينئر لمٽڊ (بيل) جي ايڊمن انچارج محمد عرفان کي فون ڪري مقامي پپري جي رهائشي غريب پورهيت ميٽرڪ پاس عرفان علي کي ڊيوٽي تي رکڻ لاءِ چيو، جنهن کانپوءِ پنهنجي پرسنل وزيٽنگ ڪارڊ تي پڻ ڪمپني انتظاميا کي مقامي غريب پورهيت کي رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

ان باوجود انتظاميا غريب عرفان علي کي 6 مهينن کان چڪر مٿان چڪر لڳرائي بيزار ڪري نوڪري کان کٿو جواب ڏئي ڇڏيو. عرفان علي اسان سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان مقامي ماڻهو پيپلزپارٽي جا ووٽر ۽ سپورٽر آهيون پر افسوس ان ڳالهه جو آهي جو نجي ڪمپنين وارا هتان جي مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٻاهران ماڻهن کي گهرائي انهن کي نوڪريو ڏئي رهيا آهن.

مان پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي صدر ۽ ليبر منسٽر کان پرائيوٽ نوڪري لاءِ بيل ڪمپني جي انتظاميا کي فون ڪرائي ليٽر به کڻي ويس پر مون کي 6 مهينن کان مسلسل گهرائي گهرائي نوڪري نه ڏنائين.01