ڪرڪيٽر آصف علي جي ڌيءَ آهن ۽ دانهن سان مٽي ماءُ حوالي

news

فيصل آباد: خميس 23 مٸي 2019ع: فيصل آباد ۾ قومي ڪرڪيٽر آصف علي جي ڌيءَ کي جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ مٽن مائٽن ۽ سماجي شخصيتن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

قومي ڪرڪيٽر آصف علي جي ڏيڍ ورهين جي دعا فاطمه هڏين جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئي جنهن کي علاج لاءِ آمريڪا نيو ويو جتي هوءَ بچي نه سگهي ۽ حقيقي خالق سان وڃي ملي، جنهن جي جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جنازي نمازي ۾ علائقي واسين، مائٽن ۽ سماجي شخصيتن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي جتوڻيڪ فيصل آباد سان تعلق رکندڙ ڪنهن به ڪرڪيٽر طرفان جنازي نماز ۾ شرڪت نه ڪئي وئي.