شيخ ڀرڪيو ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شيخ ڀرڪيو: خميس 23 مٸي 2019ع:شيخ ڀرڪيو ويجهو هوسڙي ٿاڻي جي حد  چکي پوسٽ انچارج بلند شاھ خاوند بخش خشڪ محمد خان ٽالپر ۽ منشيات فروشر ذوالفقار ڏهوٽ خلاف مولان جي ڳوٺاڻن خير محمد بروهي ۽ علي شير بروهي جي  اڳواڻي ۾ پوليس ۽ منشيات فروشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

خبرموجب پٻڻ پوليس جي چيڪ پوسٽ چکي جي انچارج  بلند شاھ، خاوند بخش خشڪ، محمد خان ٽالپر، زمان کوسو، منشيات فروش ۽ ذوالفقار ڏهوٽ جي چوڻ تي مولان جي مختلف ڳوٺاڻن کي حراسان ڪري رهيا آهن ته توهان پنهنجي ڳوٺن ۾ ذوالفقار ڏهوٽ جي مين پڙي هلايو نه ته توهان کي اسان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦسائينداسين.

ڳوٺاڻن آر پي او حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته چکي پوليس جي انچارج سميت اسٽاپ کي  فوري طور معطل ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.01