ڳيريلو ۾ راجپوت برادري پاران پوليس جي ظلم خلاف احتجاج

news

ڳيريلو: خميس 23 مٸي 2019ع:ڳيريلو ۾ پوليس جي ناجائزي خلاف پرائمري استاد اسلام الدين ميئو راجپوت برادري جي ماڻهن سان گڏجي احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ڳيريلو پوليس ڪجهه ڏينهن پهريان شهر جي جامع مسجد ۾ داخل ٿي نماز پڙهڻ دوران منهنجي پٽ امجد علي کي کنڀي کڻي وئي ۽ منهنجي پٽ کي ڪنهن به ٿاڻي تي ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسين ميئو برادري جا معززين ٽي ڏينهن لاڳيتو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سان ملي ڪري پاڻ سان ٿيل پوليس جي ناجائزي خلاف دانهي پٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنڌ ڪياسين پر ايس ايس پي آفيس جي اهلڪارن اسان کي صاحب آفيس ۾ ناهي ۽ ٻيا مختلف بهانا ٻڌائي هر ڀيري واپس ڪري ڇڏيو ۽ چئن ڏهاڙن بعد پوليس منهنجي پٽ مٿان ڪوڙو پوليس مقابلو ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس ظاهر ڪيو آهي.

هنن چيو ته اسين راجپوت شريف ۽ ڪاروباري ماڻهو آهيون، مان پاڻ پرائمري استاد آهيان، اسان زندگي ۾ ڪنهن سان ڏاڍيان ناهي ڳالهايو ۽ ڳيريلو پوليس مخالفن جي چوڻ جي هشي تي منهنجي پٽ مٿان به ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس ڏوهاري ڄاڻائي منهنجي پٽ جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي.

هنن چيو ته پوليس ڪوڙن مقابلن ۽ ڪوڙن ڪيسن جي ماهر بڻيل آهي، جيڪا سموري سنڌ ڄاڻي ٿي. هنن چيو ته اسان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪرائينداسين.01