ميهڙ ۾ نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: ڊاڪٽر قادر مگسي

news

ميهڙ: جمعو 24 مٸي 2019ع:سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سماجي اڳواڻ عبدالستار ڪلهوڙو جي پٽ سان جوابدارن پاران پنهنجي وحشت جو نشانو بڻائيندي اجتماعي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي فورن گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ڊاڪٽر قادر مگسي آن لائن انڊس نيوز سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته جوابدار ڪيڏا به بااثر ڇو نه هجن، کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي متاثرن سان انصاف ڪيو وڃي.

هن چيو ته ميهڙ واقعي سبب انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آھي، اهڙا واقعا سنڌ لاءِ ناسور آھن. واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.01