مدئجي ويجهو گولي لڳڻ سبب نوجوان زخمي، اسپتال منتقل

news

مدئجي: جمعو 24 مٸي 2019ع:مدئجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مکڻو خان خروس جو رهواسي نوجوان نثاراحمد خروس مبينا گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن بروقت کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو، جتي زخمي نوجوان کي فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. ان سلسلي ۾ اسپتال ۾ موجود زخمي نوجوان جي وارثن واقعي بابت تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جڏهن ته زخمي نوجوان جي ڏاڏي مسمات بلقيسان خاتون تعلقي اسپتال پهتي، جتي هن دانهون ڪندي چيوته ڳوٺ ۾ پنهنجي ئي برادري جي ديدار خروس وارن بنا ڪنهن ڏوهه جي جهيڙو ڪرڻ بعد منهنجي پوٽي نثار خروس کي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيوته پوليس کي بروقت اطلاع باوجود هن وقت تائين پوليس جوابدارن خلاف ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع مليو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.01