ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن شروع، لسٽون تيار

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) جمعو 24 مٸي 2019ع:سڄي ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن شروع لسٽون تيار. تفصيل موجب سڄي سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون لسٽون تيار ٿي ويون آهن.

ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر مقصود سولنگي پاران ھر ضلعي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ ايڇ آءِ وي ايڊز وڌي وڃڻ کانپوءِ صحت کاتي اک پٽي، عطائي ڊاڪٽرن ۽ اڻ رجسٽرڊ ليباٽرين خلاف سخت قدم کڻندي سنڌ جي هر ضلعي ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ملير جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر احمد علي ميمڻ چيو ته ملير ۾ عطائي ڊاڪٽرن خلاف سخت آپريشن شروع ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان عطائي ڊاڪٽرن جون لسٽون تيار ڪري ورتيون آھن. عطائي ڊاڪٽرن کي مقدس پيشي سان کلواڙ نه ڪرڻ ڏينداسين. عطائي ڊاڪٽرن کي انسانن جي جانن سان کيڏڻ ڪو نه ڏينداسين.01