پنوعاقل ويجهو ٽرالر جو رڪشي کي ٽڪر لڳڻ سبب نوجوان فوت

news

پنوعاقل:ڇنڇر 25 مٸي 2019ع: پنوعاقل قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرالر جو رڪشي کي ٽڪر، نوجوان تڙپي تڙپي فوت، گھر ۾ قھرام، 25 سالن جو نوجوان سجاد علي پٽ نذير شاھ رڪشيءِ تي گريڊ اسٽيشن کان ڪيبل جي تار ۽ مزدور کڻي شھر جي مندرگھٽي پھچائڻ لاءِ وڃي رھيو ھو ته بائيجي چوڪ وٽ قومي شاھراھ تي سامھون ايندڙ ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ ڪري رڪشا ڊرائيور ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته پٺيان ويٺل پورھيت معجزانا طور بچي ويا، جڏھن ته اڌ ڪلاڪ تائين نوجوان جو لاش روڊ تي پيل ھجڻ ڪري مسافر گاڏيون قطار ۾ بيھجي ويون ۽ سوين ماڻھن قومي شاھراھ جي ٻنھي روڊن تي بيٺل رھيا، جڏھن ته ٽرالر ڊائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو.

پنوعاقل پوليس پھچي ٽرالر تحويل ۾ وٺي لاش کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو. ياد رھي ته فوتي نوجوان واپڊا لائين مين نذير شاھ جو وڏو پٽ ھو گھر ۾ لاش پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، دير سان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.01