نئين فون نه ڏيارڻ تي ناري بوائي فرينڊ کي پنجاهه کان وڌيڪ چماٽون وهائي ڪڍيون

news

بيجنگ: ڇنڇر 25 مٸي 2019ع: چين جي سوشل ميڊيا تي هڪ شخص کي تشدد ۽ بيچارگي جي علامت جي طور تي پيش ڪيو پيو وڃي جيڪو چيني ويلنٽائن ڊي تي پنهنجي محبوبا کي نئين فون نه ڏئي سگهيو ۽ ان جي ڪري ناري کيس 50 کان وڌيڪ زوردار چماٽون وهائي ڪڍيون.

چيني جوڙا هر سال 20 مئي تي يوم محبت ملهائيندا آهن جنهن کي 520 به چيو ويندو آهي، ان موقعي تي سچوان صوبي ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو جڏهن هڪ ناري پنهنجي بوائي فرينڊ کي فون نه ڏيارڻ تي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ان کي وقفي وقفي سان 50 چماٽون وهايون.

اهو واقعو سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ محفوظ ٿيو ۽ ان کانپوءِ پوري دنيا ۾ ڦهلجي ويو، جيتوڻيڪ وڊيو ۾ سمورا چماٽون نه ٿيون ڏسي سگهجن پر اکين ڏٺن شاهدن ۽ پوليس جو بيان آهي ته ناري 50 کان وڌيڪ چماٽون ضرور هيون هونديون.

ان دوران نوجوان ضبط جي عالم ۾ بيهي اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪندو رهيو ۽ زوردار چماٽون کائڻ جي باوجود پرسڪون رهيو، ان کانپوءِ آس پاس ڪيترائي ماڻهو جمع ٿي ويا ۽ پوليس به اتي اچي پهتي ان کانپوءِ ماڻهن به عورت جي ڇنڊ پٽي چيو ته نوجوان پنهنجي دوست کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي ويو.