مدئجي ۾ مستحق عورتن پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن ۾ ڪٽوتي ٿيڻ خلاف احتجاج

news

مدئجي: ڇنڇر 25 مٸي 2019ع:مدئجي ۾ مستحق عورتن لاء بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي قسط جي پئسن جي وصول ڪرڻ لاءِ ڏورانهن علائقن کان آيل عورتن پاران نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ٻئي پاسي وري مدئجي ۾ قائم ايزي پئسا شاپ ٻاهران سوين عورتن جي رش موجود هجڻ باوجود ڪي به سهولتون مهيا ناهن ڪيون ويون.

ان سلسلي ۾ بينظير انڪم سپورٽ جي رقم وٺڻ لاءِ آيل عورتن سينٽر ٻاهران مسمات رقيا خاتون، رضيه خاتون، ساجده خاتون، ميهر پروين، غلام سڪينا خاتون، زاهده خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن دوران عورتون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.

ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي عورتن چيوته حڪومت پاران مستحن پاران آيل انڪم سپورٽ جي قسط ايزي پئسا شاپ ذريعي ڏنا وڃن پيا، جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هنن چيوته شهر ۾ قائم ايزي پئسا شاپ مالڪن پاران ڪي به سهولتون ناهن ۽ اتي من پسند ماڻهن کي رقم ڏني پئي وڃي.

جڏهن ته اتي ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي هر هڪ عورت جا ٽي سئو کان پنج سئو رپيا ڪاٽي رهيا آهن، جتي به ڪابه سهولت ناهي روزا هجڻ باوجود نٽهڻ اس ۾ روڊ تي بيهڻ تي مجبور آهيون.

هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط اچڻ بعد عورتن جي تذليل ڪرڻ جو نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪارروائي ڪري پراڻي طريقي اي ٽي ايم مشين ذريعي پئسا جاري ڪري عورتن تذليل بند ڪئي وڃي، ٻي صورت  احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.

هوڏانهن عورتن جي احتجاج بعد ايزي پئسا سينٽر جي انچارج مجيب جوڻيجو مڇرجي مستحق عورتن کي داٻا ڏيڻ بعد سينٽر بند ڪري ڇڏيو. جنهن بعد عورتون ڪيترو ئي وقت نٽهڻ اس ۾ ويهڻ بعد هٿين خالي واپس روانيون ٿي ويون.01