چين ٽي سئو ٽيهتر ميل في ڪلاڪ جي رفتار واري ٽرين تيار ڪري ورتي

news

بيجنگ: آچر 26 مٸي 2019ع: چين ترقي جي راهه تي لڳاتار ڪاميابيون حاصل ڪرڻ طرف گامزن آهي، ملڪ ۾ اهڙي ٽرين تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي رفتار 373 ميل في ڪلاڪ آهي جنهن جي آزمائش به شروع ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ٽرين چائنا ريوي رولنگ اسٽاڪ ڪارپوريشن تيار ڪئي آهي ۽ مڪمل پروڊڪشن 2021ع ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

ان رفتار سان چين ۾ بيجنگ کان شنگهائي جو سفر 3 ڪلاڪن ۾ ممڪن ٿي سگهندو جڏهن ته لاهور کان ڪراچي جو فاصلو اها ٽرين 2 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت ۾ طئه ڪري سگهندي.

ان موقعي تي سي آر آر سي جي ڊپٽي چيف انجنيئرنگ ڊينگ سان سان موجب بيجنگ ۽ شنگهائي وچ ۾ جهاز وسيلي پهچڻ ۾ ساڍا 4 ڪلاڪ لڳندا آهن. ٽرين مقناطيسي نظام جي تحت سفر ڪندي يعني ٽرين پٽڙي جي مقناطيسي ميدان تي هوا ۾ لڳي هلندي آهي، چين ۾ دنيا جو تيز ترين ڪمرشل مقناطيسي سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو 267 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر جي سهولت شنگهائي ايئرپورٽ کان شهر جي وچ تائين فراهم ڪندو آهي.

ياد رهي ته اها پهرين ٽرين ناهي جيڪا ايتري تيز رفتار هجي، جاپان ۾ ٽرين 2015ع ۾ 375 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙڻ جو رڪارڊ جوڙيو آهي. جاپان ٽوڪيو ۽ ناگويا  جي وچ ۾ 314 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙندڙ مقناطيسي ريل لائن تي ڪم ڪري رهوي آهي جنهن جو 2027ع تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي.