شهدادپور ۾ واپارين پاران الباسط ڪاٽن فيڪٽري مالڪ جي فراڊ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

شهدادپور:آچر 26 مٸي 2019ع: شھدادپور جي الباسط ڪاٽن فيڪٽري مالڪ جي فراڊ ڪرڻ خلاف پيڍين وارن جو سندس گھر آڏو احتجاجي مظاهرو، ارشاد آرائين اسان سان ٺڳي ڪري پئسا ڦٻائي ويو آهي، پئسا ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

شھدادپور شھر جي پيڍين وارن واپارين سان ٺڳي ڪري کين ڪوڙا چيڪ ڏئي مبينا طور ڪروڙين رپين جو فراڊ ڪندڙ الباسط ڪاٽن فيڪٽري مالڪ ارشاد آرائين سندس پٽن وقاص ۽ فائق خلاف سبزي منڊي ۾ سندس گهر آڏو تڏو وڇائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي.

متاثرين ويرو اشوڪ، جئي ڪمار،  ڪامل ڏيٿو ۽ ٻين فراڊ ڪندڙ ارشاد آرائين جي گهر آڏو تڏو وڇائي ڌرڻو هڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته ارشاد قادياني اسان سان فراڊ ڪندي اسان جا ڪروڙين رپيا ڦٻائي ويو آهي ۽ اسان کي ڪوڙا چيڪ ڏنا اٿس، جيڪي پاس نه پيا ٿين.

هنن چيو ته اسان کان ڪڻڪ وٺي اسان جا پئسا ڦٻائي اسان کي ڪوڙا چيڪ ڏئي پريشان ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کان جن کان پئسا ورتا اٿئون اهي اسان کي پئسن لاءِ تنگ ڪري رهيا آهن پر ارشاد قادياني کي بااثر ڀوتارن جي پٺ ڀرائي هجڻ ڪري هو اسان کي پئسا ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل فراڊ ڪندڙ پئسا گھرڻ تي اسان سان غنڊه گردي ڪري  پئسا ڏيڻ بدران هراسان ڪري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان سان انصاف ڪري ڄاڻايل فراڊ ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي پئسا واپس ڏياريا وڃن.01