عراق ۾ ٽن فرانسيسي داعش ويڙهاڪن کي ڦاهي جي سزا

news

بغداد: آچر 26 مٸي 2019ع: عراق ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 3 فرانسيسي داعش ويڙهاڪن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عالمي خابرو اداري موجب عراق جي عدالت فرانسيسي شهرين ڪيون گونوٽ، ميونارڊ لوپيز 7 سليم ماچو کي داعش ۾ شموليت ۽ دهشتگردي جا الزام ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عراقي عدالت ڦاهي جي سزا حاصل ڪندڙ ٽنهي فرانسيسي شهرين کي شام ۾ آمريڪي حمايت حاصل ڪيل داعش مخالف تنظيم ٻين 9 ويڙهاڪن سان هڪ ويڙهه کانپوءِ تحويل ۾ ورتو هو ۽ هلندڙ سال عراق جي حوالي ڪيو ويو هو.

انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن عراق جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان داعش ويڙهاڪن کي ڏنل ڦاهي جي سزا کي غير انساني قرار ڏيندي جاچ عمل تي سوال اٿاري ڇڏيا.