ڪوئٽه ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام: ٻه دهشتگرد مارجي ويا

news

ڪوئٽه: (سومر 27 مئي 2019ع) ڪوئٽه ۾ دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو آهي. 4 نامعلوم دهشتگردن سمنگلي ايئربيس جي ويجهو پوليس ناڪي تي فائرنگ ڪئي هئي. جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 2 موقعي تان فرار ٿي ويا.

تفصيل موجب ڪوئٽه م سمنگلي ايئربيس جي ويجهو پوليس ناڪي تي رات دير سان نامعلوم 4 دهشتگردن فائرنگ ڪئي. سيڪيورٽي فورس ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فائرنگ کان پوءِ فرار ٿيندڙ دهشتگردن جي ڳولا ۽ گرفتاري جي لاءِ علائقي کي گهيري ۾ ورتو ويو آهي.

واقعي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جون لاشون سول اسپتال ڪوئٽه موڪليون ويون آهن. ياد رهي ته پاڪ فوج گذريل رات ڏکڻ وزيرستان جي مڪي ڳڙهه چوڪي تي به دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو هو.

(آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي اهلڪارن وادي شوال جي علائقي مڪي گڙهه چوڪي تي دهشتگردن جي اوچتي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ جوابي ڪارروائي سان دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ فوجي جوان به شهيد ٿيو هو.