چيني اسڪولن ۾ ٻارن جو طبي معائنو ڪندڙ روبوٽ مقرر

news

بيجنگ: سومر 27 مٸي 2019ع: چين ۾ اسڪولن جي ٻارن جو طبي معائنو ڪرڻ لاءِ خاص روبوٽ ٺاهيو ويو آهي جيڪو صرف ٽن سيڪنڊن ۾ ٻارن جي اکين، زبان، منهن، هٿ ۽ پيرن جو معائنو ڪري ڪنهن امڪاني مرض کان خبردار ڪري ڇڏيندو آهي.

ان کي واڪ ليڪ روبوٽ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو 2 سالن کان وٺي 6 سالن جي عمر  تائين جي ٻارن جو چيڪ اپ ڪندو آهي، شروعاتي طور تي اهو هر روز 2000 ٻارن جو معائنو ڪري رهيو آهي جيڪي صبح اسڪول ايندا آهن ۽ روبوٽ کان معائنو ڪرائڻ کانپوءِ ڪلاس ۾ داخل ٿيندا آهن.

واڪ ليڪ کي ڪارٽون جي انداز ۾ ٺاهيو يوو آهي ان جو جسم چوڪنڊو آهي ۽ منهن تي هڪ طرح جي مسڪراهٽ آهي، ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هر ٻار روبوت آڏو وڃي بيهندو آحي ۽ پنهنجو معائنو ڪرائيندو آهي، روبوٽ ڪجهه سيڪنڊن ۾ ٻار جي ڳلي، اک، منهن، هٿن ۽ پيرن جو معائنو ڪندو آهي.

جيئن ئي ڪنهن مرض جي علامت مثال طور اکين ۾ ڳاڙهاڻ ۽ وات پچڻ وغيرا ڏسندو آهي اهو فوري طور تي پاڻ وٽ ئي موجود انساني نرس کي خبردار ڪندو آهي.

پوري دنيا جي ماهرن ان تي مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، ڪجهه ان کي تمام اهم ۽ ڪيترائي ماهر ان کي ٻارن جي تعليم ۾ خلل قرار ڏين ٿا. روبوٽ ۾ جديد ڪيميرا ۽ ٿرماميٽر لڳل آهي جيڪي بخار ۽ ٻين بيمارين کي نوٽ ڪري سگهن ٿا، ان روبوٽ جو مقصد ڊاڪٽر يا تربيت يافته اسٽاف گهٽ هجڻ جي صورت ۾ مرض جي موجودگي جي شڪ کي ظاهر ڪرڻ ۽ ان کان ڊاڪٽرن کي آگاهه ڪرڻ آهي.