افغان فوجين جي بس ويجهو ڌماڪو، ڏهه اهلڪار مارجي ويا

news

ڪابل: سومر 27 مٸي 2019ع: اتر افغانستان ۾ افغان فوجين جي بس کي بارودي سرنگ جي ڌماڪي ۾ اڏايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 10 اهلڪار مارجي ويا.

عالمي خابرو اداري موجب افغانستان جي صوبي فرح جي ضلعي بالا لوڪ ۾ فوجي اهلڪار هڪ وين ۾ سوار ٿي فوجي ڪيمپ ۾ پگهارون وصول ڪرڻ وڃي رهيا هئا ته اوچتو رستي جي ڪناري تي لڳل بم زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 10 افغان فوجي مارجي ويا.

فرح صوبي جي ڪائونسل جي ميمبر شاهه محمود نهامي ميڊيا کي ٻڌايو ته بم کي رستي جي ڪناري تي لڪايو يوو هو ۽ ان ۾ خطرناڪ بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو، زوردار ڌماڪي ۾ وين ۾ سوار سمورا فوجي موقعي  تي ئي مارجي ويا، طالبان بم ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.